پيرسن وڻ ۾ رسو ٻڌي ڦاهو کائي ڇڏيو

خيرپور(سجاد علي ڪٻر) نئون ڳوٺ پٺاڻو ۾ 50 سالا پيرسن جو مبينا طور ڦاھو کائي آپگھات ڪري ڇڏيو . منور علي پٺاڻ جو لاش ڳوٺ ڀرسان وڻ ۾ ٽنگيل ڏسي ڳوٺاڻن وارثن کي اطلاع ڪيو . ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته منور علي جو ذھني توازن ٺيڪ نه ھو ، اڳڙا پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو