پيار پرڻو ڪندڙ جوڙي مٿان حملو، معجزاڻي طور محفوظ

مورو (اياز سولنگي) بخاري محلا ۾ ڏيڍ مهينو اڳ پيار جي شادي ڪندڙ جوڙي مٿان ناري جي وارثن جو حملو ناري ۽ نوجوان معجزاڻي طور بچي تحفظ جي لاءِ مورو ڪورٽ پهتا. جتي هنن چيو آهي ته ڏيڍ مهينو اڳ اسان نوشهرو فيروز جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪيو هو جنهن تان ناري جي ڀاءُ جمشير علي ۽ سئوٽ گلشن، گلشير، محراب ۽ دادلو موچي مڇرجي اسان جي گهر مٿان حملو ڪيو جنهن ۾ اسان ٻئي زال مڙس معجزاڻي طور بچي وياسين اهڙو اطلاع اسان مورو ٿاڻي تي ڏنو آهي. هنن چيو ته حملو ڪندڙ اسان کي ڪارو ڪاري ڪري مارڻ چاهين ٿا اسان جي زندگين کي خطرو آهي اسان تحفظ لاءِ مورو جي عدالت ۾ پهتا آهيون. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد، ايس ايس پي نوشهروفيروز کي اپيل ڪئي آهي ته اسان زال مڙس کي تحفظ ڏئي حملو ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو