پيار پرڻو ڪرڻ بعد موتمار ڌمڪيون ملي رهيون آهن؛ جوڙو

صالح پٽ (نياز مهر) ڳوٺ ڪوٽڙي جي رھواسڻ سکر جي عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ نوجوان ناري شاھده شيخ  احتجاج ڪرڻ بعد صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مان پنهنجي رضا خوشيءَ سان روشن جاجهو ولد رضا محمد جاجهو سان عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪيو آهي جنھن کان پوءِ منهنجو والدين، رحيم، لالڻو شيخ، غلام نبي، لکمير، محمد حسن، عنايت ۽ ٻيا گهر وارا  منهنجي ۽ منهنجي مڙس جا ويري بڻجي ويا آهن ۽ اسان جوڙي کي قتل ڪرڻ جون ڪوششون ڪرڻ سان گڏ منهنجي مڙس روشن جاجهو ۽ سندس رشتيدارن مٿان اغوا جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي وڌيڪ پريشان ڪري رھيا آھن جن مان اسان کي جانين جو خطرو آهي ڪھڙي به وقت ھو اسان کي مارائي ڇڏيندا. هنن آءِ جي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته اسان جوڙي کي تحفظ فراهم ڪري داخل ڪيل ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو