پيار جو پرڻو، مائٽ ڪارنهن الزام ۾ مارڻ چاهن ٿا،تحفظ ڏيو

فيض گنج )وسيم سولنگي)  ڳوٺ سمندر خان شر مان  گهران نڪري فيض گنج جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪندڙ جوڙي عبدالعفار شر ۽ سندس زال شاهده شر صحافين  اڳيان احتجاج ڪندي  ٻڌايو ته مائٽن اسان کي ڪارو ڪاري ظاهر ڪري قتل جو فيصلو ڪيو آهي. هنن چيوآهي ته اسان گهران نڪري ڪورٽ معرفت پيار جو پرڻو ڪيو آهي اسان جي مائٽن يوسي امن چودڳي جي وائيس چئير مين مشڪور شر ۽ساجد شر تي اسان کي اغوا ڪرڻ جو ڪوڙو الزام لڳائي برادري جا چڱا مڙس انهن کي بدنام ڪرڻ سان گڏ اسان جي ڪيس ۾ ڦاسائڻ چاهين ٿا اسان کي ڪنهن به اغوا نه ڪيو آهي  هنن چيوته پيار جو پرڻو ڪرڻ بعد برادري جي چڱن مڙسن مبينه طور تي ڳوٺَ ۾ ڪٺ ڪوٺائي اسان کي ڪارو قرار ڏئي  اسان کي قتل ڪرڻ جي فتوا جاري ڪئي آهي هنن چيوته پيار پرڻي بعد شاهده جي مائٽن عبدالعفار شر جي مائٽن جو جئيڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي هنن چيوته اسان دربدري واري زندگي گذرڻ تي مجبور ٿي ويا آهيون. هنن چيوته سفر شر مختيار شر ۽ ٻيا اسان جا ويري بڻجي ويا آهن جيڪي اسان کي مارڻ  لاء ڳولا ڪري رهيا آهن هنن چيف جسٽس آف پاڪستان  آء جي سنڌ ڊي آء جي سکر کان  گهر ڪئي آهي ته ڄاڻايل ماڻهن خلاف ڪاروائي ڪري اسان  کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو