پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف ڳوٺاڻن جو انوکو احتجاج

ٽنڊوباگو (رپورٽ سھيل سمون)يونين ڪائونسل پهاڙ مري جي ڳوٺ ميانجي عثمان ملاح ۾ پيڻ جي مٺي پاڻيءَ جي سخت کوٽ ڳوٺ جون عورتون ۽ ننڍا ٻار ٻه ڪلو ميٽر پنڌ ڪري مٿي تي دلا، مٽ رکي پيئڻ جو پاڻي ڀرڻ تي مجبور. هڪ سئو کان وڌيڪ گهرن تي مشتمل ڳوٺ ۾ پيئڻ جي مٺي پاڻيءَ جي ڪابه سهولت ميسر ناھي، ڪيترا ڀيرا چونڊيل نمائندن ۽ آفيسرن کي واٽر سپلاء جي تلاء ۽ آرو پلانٽ لاءِ درخواستون ڏنيون آهن پر ڪير ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي. ڳوٺ ميانجي عثمان ملاح جي عورتن ۽ معصوم ٻارڙن جو سماني ملاح، سڪينه ملاح، رحمت ۽ شهزادي ملاح جي اڳواڻي ۾ مٿن تي خالي دلا، مٽ ۽ واٽر ڪين کڻي احتجاجي مظاهرو، اسان کي پيئڻ جي مٺي پاڻيءَ جي سهولت ڏني وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو