پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي لاءِ شهرين جو احتجاج

ٽنڊو غلام حيدر(ميرحسن رند ) ٽنڊو غلام حيدر ٽائون ڪميٽي جي وارڊ نمبر 3 جي فاضل ٽائون پيپلز ڪالوني،شانتي ننگر،احمد شاھ ڪالوني سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ 10 ڏينهن کان پيئڻ جي پاڻي جي سپلائي بند هجڻ ڪري علائقي واسي سخت پريشان  شهرين پاران مک شاهراھ بند ڪري ڌرڻو هڻي ٽائون انتظاميه تي سخت کان سخت نعريبازي ڪئي ويئي جڏهن ته هڪ ڪلاڪ گذرڻ بعد تعلقي انتظاميه مظاهرين وٽ پهچي پاڻي جي سپلائي بحال ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو جڏهن ته شهرين جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ٽنڊو غلام حيدر ٽائون ڪميٽي جي سوا ڪروڙ جي لڳ ڀڳ بجيٽ هوندي بنيادي سهولتون ڇو نه ٿيون فراهم ڪيون وڃن. مختلف ،علائقن ۾ ڊرينيج سسٽم ناڪاره،واٽرسپلائي اسڪيمون تباھ.سولر اسٽريٽ لائيٽون خراب،ڪيترن ئي ڏينهن کان فائربرگيڊ گاڏي خراب هجڻ ڪري،امڪاني برساتن جي حوالي سان اڳواٽ ڪي به احتياطي اپاءُ نه ورتا ويا آهن ۽ سموري تعلقي اندر،ترقياتي ڪم ٽڪي برابر ناهي ٿيو. ٽائون آفيسر،ٽائون چيئرمين پنهنجن گهرن تائين محدود ملازمن کي  پگهارن لاءِ به در بدر ڪيو ٿو وڃي،انجن مشينون خراب هجڻ ڪري تعلقي جي شهرن ۾ گند ڪچري جا ڍير گڏ ٿي نظر اچڻ لڳا گٽرن جو گندو پاڻي نيڪال سسٽم نه هجڻ ڪري گهرن ۽ گهٽين ۾ ڦھلجڻ لڳو تعلقي اندر ڪرپٽ حڪمرانن ۽ ڪامورن پاران ڪو به عملي ڪم نه ٿي سگهيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو