پيءَ پٽ ۾ جهيڙو گولي لڳڻ سبب ماءُ قتل، قاتل فرار

ٺارو شاهه(ن س) سڳي پٽ هٿان گولي هڻي زخمي ڪيل عورت نوشهرو فيروز اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو، جنهن جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. کوکر محلي ۾ نوجوان دانش کوکر گهرو اڻبڻت تان پنهنجي امڙ ڪنيز فاطمه کي مبينا طور پسٽل جو فائر ڪري مرڻينگ ڪري ڇڏيو هو. عورت کي رورل هيلٿ سينٽر ٺارو شاهه منتقل ڪيو ويو، جتان کيس نوشهرو فيروز جي سول اسپتال پهچايو ويو، جتي هن دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. عورت جي مڙس سڪندر کوکر ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته سندس پٽ جو دماغي توازن ٺيڪ ناهي، کيس مرگهي جا دورا پوندا آهن. هـُن چيو ته دانش معمولي ڳالهه تان پسٽل کڻي پنهنجي ماءُ کي گولي هنئي، جنهن سبب هوءَ حياتي وڃائي ويٺي. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو نه وري جوابدار گرفتار ٿيو هو. پاڙيوارن جو چوڻ آهي ته پيءُ ۽ پٽ ۾ جهيڙو ٿيو هو ۽ پٽ پسٽل کڻي پيءُ کي هڻڻ پئي چاهيو ته سندس والده وچ ۾ آئي ۽ گولي لڳڻ سبب فوت ٿي وئي. جنهن بعد قاتل فرار ٿي ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو