پيءَ پيسن جي لالچ ۾ بااثر شخص سان پرڻائڻ چاهي ٿو؛ ناري

سکر(جيرام داس ) لاڙڪاڻو جي رهواسڻ دانهيو آهي ته پيءُ پيسن عيوض وڪرو ڪري بااثر شخص سان پرڻائڻ چاهي ٿو انڪار تي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن تحفظ فراهم ڪيو وڃي. لاڙڪاڻو جي رهواسڻ نوجوان ناري مسمات ساجده سولنگي سکر پريس ڪلب پهچي الزام مڙهيو ته سندس والد علي شير سولنگي پئسن عيوض برڪت شيخ نالي شخص سان زبردستي پرڻائڻ چاهي ٿو. هن دانهيو ته هن جڏهن زبردستي شادي کان انڪار ڪيو ته کيس موتمار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. هن چيو ته هو گهران نڪري ويجهن مائٽن وٽ ترسي آهي زندگي کي خطرو آهي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو