پوڪو نئون ۽ سستو فون متعارف ڪرائي ڇڏيو

بيجنگ (ويب ديسڪ)شيائومي جي سسٽر ڪمپني واري برانڊ ‘پوڪو’ هڪ نئون ۽ سستو سمارٽ فون متعارف ڪرايو آهي. پوڪو سي 31 ان ڪمپني جي سي سيريز جو ٻيو سمارٽ فون آهي، ان کان اڳ پوڪو سي 3 آڪٽوبر 2020ع ۾ متعارف ڪرايو ويو هو. ان نئين پوڪو سي 31 ۾ ميڊيا ٽيڪ جو هيليو جي 35 پراسيسر موجود آهي. فون ۾ 3 کان 4 جي بي ريم ۽ 32 کان 64 جي بي اسٽوريج موجود آهي جنهن ۾ مائڪرو ايس ڊي ڪارڊ سان وڌيڪ 512 جي بي اسٽوريج جي واڌ ڪري سگھجي ٿي. پوڪو سي 31 ۾ اينڊرائيڊ 10 آپريٽنگ سسٽم موجود آهي ۽ پهريون ڀيرو ڪنهن يوزر انٽرفيس کي اينڊرائيڊ سسٽم سان ليس ناهي ڪيو ويو. 6.53 انچن جي ايل ڊي پلس ڊسپلي ۾ 5 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا واٽر ڊراپ نوچ ۾ لڪيل آهي. فون جي بيڪ تي 3 ڪيمرائن جو سيٽ اپ موجود آهي جنهن جي مين ڪيمرا 13 ميگا پڪسل جي آهي جنهن سان گڏ 2 ميگا پڪسل ميڪرو ۽ 2 ميگا پڪسل ڊيپٿ ڪيمرا موجود آهن. جيتري تائين بيٽري جي ڳالهه آهي ته اها 5000 ايم اي ايڇ جي آهي ۽ ڪمپني موجب اها سولائي سان 2 ڏينهن تائين ڪم ڪري سگھي ٿي. اها فون 2 آڪٽوبر کان واهپيدارن کي دستياب هوندي ۽ ان جي 3 جي بي ريم ۽ 32 جي بي اسٽوريج وارو ماڊل 115 ڊالرن (19 هزار 550 پاڪستاني رپيا) جڏهن ته 4 جي بي ريم ۽ 64 جي بي اسٽوريج وارو فون 130 ڊالرن (22 هزار هڪ سو پاڪستاني رپيا) ۾ دستياب هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو