پوليو ٽيم تي تشدد ۽ ڦر، پوليس پاران ڪاروائي جي خاطري

شڪارپور (عبدالخالق سومرو)نيو فوجداري ٿاڻي جي حد ڳوٺ زنگي خان بروهي ڀرسان يعقوب لاڙي وٽ پوليو ورڪرز کي تشدد جو نشانو بڻائي ڦرلٽ ڪئي وئي، پوليو جا ڦڙا پياريندڙ صحت کاتي جي ٽيم ڳوٺ جنگي بروھي وڃي رھي ھئي ته يعقوب لاڙي وٽ ڦر ڪئي وئي، ‏ڦر متاثرن ۾ ڊاڪٽر جاويد سومرو، صدام بروھي، ابراھيم، بابل جھلڻ، ليڊي ھيلٿ ورڪر گلشن ڀٽي ، افشان سومرو ۽ ٻيا شامل آھن، ھٿياربندن جي تشدد بعد گلشن ڀٽي بيھوش ٿي وئي، کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليو ٽيم جو چوڻ ھو ته11 موبائل فونز ۽ ھزارين روپيا روڪ رقم ڦر ڪئي وئي آھي، ھٿياربند موٽر سائيڪلن تي سوار ھئا جن ڦر ۽ تشدد ڪيو، جڏھن جوابدارن جي گرفتاري تائين پوليو ورڪرز پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، واقعي بعد ڊي سي شڪارپور رحيم بخش ميتلو، ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر رضوان احمد خان، ڊي ايڇ او ڊاڪٽر شبير شيخ، اي ايس پي ڪامران خان سميت صحت کاتي جا ڊاڪٽر ۽ عملو واقعي واري ھنڌ پھتا ۽ واقعي جا تفصيل معلوم ڪيا ۽ ڏوهارين خلاف ڪاروائي جي خاطري ڪرائي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو