پوليو جو نئون ڪيس، ڪورونا سبب ملڪ ۾ مهم متاثر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان ڪورونا وائرس سبب ملڪ ۾ پوليو مهم متاثر ٿيڻ بابت انڊپينڊنٽ مانيٽرنگ بورڊ (آءِ ايم بي)کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. ويڊيو ڪانفرنس دوران ڊاڪٽر ظفر مرزا بورڊ کي ٻڌايو ته پاڪستان ۾ ڪورونا سبب پوليو جا ڦڙا پيارڻ ۽ ٽڪن جي مهم تي وڏو فرق پيو آهي. پاڪستان اهڙي آگاهي ان وقت ڏني آهي جڏهن پزيرستان جي شڪئي تعلقي ۾ پوليو جو هڪ نئون ڪيس سامهون آيو آهي. 42 مهينن جي ان ٻار کي اڳ ۾ پوليو جا ڦڙا نه پياريا ويا هئا جنهن سبب هو ٻنهي ٽنگن ۽ ٻانهن کان معذور ٿي ويون آهن. هن نئين ڪيس جي سامهون اچڻ بعد پاڪستان ۾ هلندڙ سال پوليو متاثرن جو انگ 56 ٿي ويو آهي.ياد رهي ته 2012 ۾ مانيٽرنگ بورڊ پاڪستان تي سفري پابنديون لڳايون هيون. جن تي مئي 2014 کان عمل ڪيو ويو هو ۽ پاڪستان مان پرڏيهه سفر ڪندڙ هر شخص کي پوليو جا ڦڙا پيئڻ ۽ ان جو سرٽيفڪيٽ پيش ڪرڻ لازمي قرار ڏنو ويو هو. صحت بابت وزيراعظم جي مشير ڊاڪٽر ظفر مرزا جو چوڻ آهي ته 2019 پاڪستان لاءِ مشڪل سال هو، هن چيو ته 2020 پاڪستان ۾ پوليو جي لحاظ کان تبديلي جو سال ۽ 2021 کي خاتمي جو سال قرار ڏنو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو