پوليس ۽ ڌاڙيلن ۾ مقابلو 2گرفتار، ايس ايڇ سميت 3 زخمي

غوثپور(عبدالنبي ملڪ)ڪشمور جي مختلف ٿاڻن جي پوليس گڏجي روپوش ڏوھارين جي گرفتاري لا۽ ڳوٺ خادم ڀيو ۽ نور حسن ڀيو تي چڙھائي ڪري سرچ آپريشن ڪيو . ڏوھارين طرفان پوليس مٿان راڪيٽ لانچر فائر ڪرڻ سبب اي پي سي جي چئن خراب ٿي پيئي. پوليس جي جوابي فائرنگ جاري آهي ۽ علائقو ميدان جنگ بڻيلآهي. ڏوھارين جي فائرنگ ۾ ايس ايڇ او ڪشمور ضياد نوناري ۽ پوليس اھلڪار صدام  زخمي ٿي پيا آھن جن کي ابتدائي طبي امداد سول اسپتال ڪنڌڪوٽ ۾ ڏئي سکر جي حرا اسپتال منتقل ڪيو ويو.

فائرنگ جو سلسلو جاري رھڻ سبب مسمات ڪوثر ڀيو به سخت زخمي ٿي آھي جنھن کي گھر ۾ اچتو گولي لڳي وئي. ماڻھو خوف  سبب گھرن ۾ لڪي ويا۔ آهن. علائقي جو بدنام ڏوھاري نور حسن ڀيو جي گرفتار ٿيڻ جا اطلاع به آھن  پر سرڪاري طور ان جي تصدي نهڪئي وئي آهي. ڏوھارين ٻين علائقن مان ساٿين کي گھرائي ورتو آهي ۽ پنهنجي ساٿي نور حسن کي پوليس کان ڇڏرائڻ لا۽ موبائيلن تي انڌا ڌند فائرنگ  ڪئي پئي وڃي. ايس ايس پي ڪشمور وڌيڪ پوليس نفري واقعي واري ھنڌ رواني ڪري ڇڏي آھي. پوليس ڏوھارين جي ڪجهه گھرن کي باھ ڏيئي ساڙي ڇڏيو آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو