پوليس ۽ واپارين خلاف رڪشا ڊرائيورن جو احتجاج

ٽنڊوباگو (رپورٽ سھيل سمون) ملڪاڻي شريف ۾ رڪشا ڊرائيورن جو واپارين ۽ پوليس  خلاف پنگريو جهڏو روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. مظاهري ۾ رڪشا ڊرائيورن حاڪم علي چانڊيو، بابر لغاري، اشرف خاصخيلي، واگهو ڪولهي ۽ ٻين  دانهيندي ٻڌايو ته اسان گهر جو مال وڪڻي روزگار لاء رڪشا گاڏيون قسطن تي وٺي پنهنجي ٻچن جو پيٽ پاليون ٿا پر ملڪاڻي ۾  زرعي جنسن جا واپاري پوليس کي شڪايت ڪري اسان کي روزگار ڪرڻ نٿا ڏين ۽ واپاري روڊن تي ٽرڪون ۽ وڏيون گاڏيون بيهاري لوڊ ڪن ٿا روڊ بلاڪ ٿيو وڃي وري ڏوهه اسان رڪشائن وارن تي هنيو ويندو آھي اسان بيروزگار ٿي بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھيون ۽ رڪشاء قسطن تي وٺي آياسين اهي قسطون به نٿا ڀري سگهون اسان مجبور آھيون اسانکي روزگار ڪري بک مرڻ کان بچايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو