پوليس کي ڪراچي ۾ رهندڙ افغانين جي ڊيٽا گڏ ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت ڪراچي شهر ۾ رهندڙ افغان شهرين جي ڊيٽا گڏ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، آءِ جي سنڌ کي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سمورن ٿاڻن کي هڪ فارم ڏنو وڃي جنهن ۾ افغان شهرين جي ڊيٽا گڏ ڪئي وڃي. خاندان جي سربراه جو نالو. ڀاتين جو تعداد، مرد، عورتن ۽ ٻارن جو تفصيل، ڪڏهن آيو، ڪم ڇا ٿو ڪري، هنر ڪهڙو اٿس وغيره جي معلومات حاصل ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو