پوليس ڏيرن پاران ڪاري ڪري مارڻ کان عورت کي بچائي ورتو

عادلپور(اسلم مهر) ڳوٺ بالاچ خان بلو ۾ ڏيرن پاران شادي شده عورت مائي سبين تي مبينا طور تشدد ڪرڻ بعد کٽ جي پائي سان نٽھڻ اس ۾ ٻڌي ڇڏيو، ڪارنهن الزام هيٺ کيس مارڻ جي ڪوشش به ڪئي وئي پر سندس ڀاءُ بروقت عادلپور پوليس وٺي پهتو ته سندس حياتي بچي وئي.   عورت کي ٻن ٻارڙن سميت پوليس ٿاڻي تي کڻي آئي  جتي موجود  عورت جي مڙس شوڪت علي ٻڌايو ته مونکي منھنجي ڀائرن ۽ رشتيدارن زور ڏنو ۽ مونکي ۽ منھنجي گھرواري تي تشدد ڪيو  ويو ۽ مونکي  چيو ته زال کي ڪاري ڪر پر مون ھنن کي جواب ڏنو ۽ چيو ته منھنجي زال صاف آھي ته ان کي ڪاري ڇو ڪريان منھنجا ننڍڙا ٻچا آھن جيڪي رلي ويندا. عورت جي  ڀاء غلام رسول بلو ٻڌايو تہ منهنجي ڀيڻ سبين جا ڏير ۽ ٻيا منهنجي ڀيڻ کي ڪجھ  ڏينهن کان رسي سان ٻڌي تشدد ڪندا هئا ۽ کيس ڪارنهن جي الزام هيٺ مارڻ جي ڪوشش ڪن پيا. صحافين کي عورت جي بيان وٺڻ کان پوليس روڪي ڇڏيو.  ايس اڇ او عادلپور حنيف کوسو ٻڌايو ته جئين  ئي اطلاع مليو تہ  اسان فوري طور تي پھچي  عورت کي اتان کڻي ٿاڻي تي آيا آھيون ۽ کيس ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو