پوليس چور جي مدد پئي ڪري، انصاف لاءِ احتجاج

ٺڪراٺو (ن سنڌيار) مزدوري سانگي سعودي عرب ويل پورهيتن حاجي عبدالرشيد مهتم ، حاجي عبدالخالق مهتم جي گهر جي عورتن مائي رضيه ، مائي گڏي ، مائي نورخاتون ۽ ٻين احتجاج ڪندي ٻڌايو ته گذريل رات سندن پاڙي جو نوجوان  نثار احمد پٽ غلام محمد مهتم  زبردستي اسان جي گهر ۾  گهڙي ڪري سندن نياڻي صوبيه جي ڪنن مان واليون ۽ ڳچيء مان لڪڙيون لاهي پيو جنهن تي نياڻي رڙيون ڪيون ۽ اسان جاڳي پيا سين ته  نوجوان نثار احمد  ڀت ٽپي ڀڄي ويو اسان ڏٺو سون ته نياڻي جي ڳچي ۾ پيل سونيون لڪڙيون لٿل هيون جنهن مان هڪ اتي ڪريل هئي باقي نوجوان کڻي ڀڄي ويو ،  جنهن بعد اسان مبارڪپور ٿاڻو تي اين سي داخل ڪرائڻ لاء ويا سين ايس  ايڇ او صاحب الٽو ڏمرجي پيو ۽   اسان کي ڌمڪائي ڪري موٽائي ڇڏيو احتجاج ڪندڙ عورتن الزام هڻندي چيو ته ايس ايڇ او بااثر جيالي خالد حسين مهتم جي چوڻ تي اسان کي بي عزتو ڪري موٽائي ڇڏيو آهي. احتجاج ڪندڙن ڊي آء جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کان واقعي جي جاچ ڪرائي ساڻن انصاف ڪري چوري ٿيل سامان موٽرائي ڏيڻ جي گهر ڪئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو