پوليس چوري ٿيل 2 ٻڪر هٿ ڪري مالڪن حوالي ڪري ڇڏيا

دريا خان مري (رپورٽ ارباب مري)  ڳوٺ محمد انور آرائين  مان انـور آرائين جا رات دير سان چوري ٿيل اضحيٰ جا 2 ڀلي نسل جا ٻڪر پوليس هٿ ڪري ورتا آهن. ايس ايڇ او درياخان مري شڪايت ملڻ تي ڪاروائي ڪندي ڳوٺ جاڙو خاصخيلي مان جوابدار ممتاز عرف ممو خاصخيلي جي گھران چوري ٿيل 2 ٻڪر ۽ ھڪ پسٽل برآمد ڪري ورتو، جڏھن ته جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ ڪابه گرفتاري نه ٿي سگھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو