پوليس ڀارتي اداڪارا تي حملو ڪندڙ ملزم تائين پهچي وئي

ممبئي(ويب ڊيسڪ)پوليس شادي کان انڪار ڪندڙ اداڪارا تي چاقو سان حملو ڪندڙ ملزم  تائين پهچي وئي. ان سلسلي ۾ ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ممبئي پوليس اداڪارا مالوي ملهوترا تي گذريل ڏينهن چاقو سان حملو ڪندڙ ملزم جو پتو لڳايو ويو آهي ۽ ان جي سڃاڻپ يوگيش مهيپال سنگهه جي نالي سان ڪئي وئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ملزم پنهنجي علاج لاءِ اسپتال ۾ داخل آهي پر ان کي اڃا تائين گرفتار ناهي ڪيو ويو. زخمي ٿيل اداڪارا مالوي ملهوترا جو چوڻ آهي ته ملزم شادي کان انڪار ڪرڻ تي سندس مٿان چاقو سان حملو ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي ڪار ۾ ويهي فرار ٿي ويو هو. ڀارتي ميڊيا موجب ڄاڻايل اداڪارا علاج جي سلسلي ۾ اسپتال ۾ داخل ٿيل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو