پوليس ڀاءُ کي کنڀي وئي 2 لک رشوت طلبڻ جو الزام

غوثپور (ن سنڌيار)اوڳاهي برادري جي گھر مٿان چڙهائي  ڪرڻ خلاف اوڳاهي برادري جي ماڻهن ايس ايڇ او غوثپور اعجاز احمد کوسو خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مظاهرين چيو ته ڪجهه ڏينھن اڳ ايس ايڇ او غوثپور  وڏيرن جي ونگار وهندي بلا جواز اسان جي گهرن مٿان چڙهائي ڪري منهنجي ڀاء انعام اوڳاهي کي کنڀي نامعلوم هنڌ تي گم ڪري ڇڏيو آهي ۽ اسان جو چوپايو مال ڪاهي گهر ۾ پيل سامان کڻي ۽ ڀڃ ڊاهه ڪئي آهي هن وڌيڪ چيو ته پوليس اسان جي کنڀي گم ڪيل ڀاءُ کي آزاد ڪرڻ عيوض 2 لک رپيا رشوت گهري رهيو آهي ۽ اسان هاء ڪورٽ لاڙڪاڻي ۾ ايس ايڇ او خلاف پٽيشن پڻ داخل ڪرائي آهي هنن آء جي سنڌ ۽ ڊي آء لاڙڪاڻي کان مطالبو ڪيو ته راشي ايس ايڇ او غوثپور خلاف ڪارروائي ڪري اسان جي  کنڀي گم ڪيل ڀاءُ کي آزاد ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو