پوليس پاران ناري بازياب ۽ 2 جوابدارن جي گرفتاري جي دعويٰ

ٽنڊو محمد خان )مظفر علي بروهي(شيخ ڀرڪيو  پوليس خفيه اطلاح تي ڇاپو هڻي اغوا ڄاڻيل ناري فريده وساڻ کي بازياب ڪرائي ٻه جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعوا ڪئي آهي رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او شيخ ڀرڪيو محمد علي زنئور ٻڌايو ته  گذريل ڏينهن ڳوٺ پيرو وساڻ جي رهواسي ممتاز وساڻ  شيخ ڀرڪيو ٿاڻي تي  ڪيس داخل ڪرايو هو ته سندس ڀيڻ  فريده کي چار جوابدار  محمد اسلم وساڻ عبدالرحمان وساڻ راجا وساڻ ۽ انعم زال راجا وساڻ اغوا ڪري ويا آهن جنهن تي پوليس ڪاروائي ڪندي  لنڪ روڊ سائينداد وساڻ وٽان ناري فريده کي بازياب ڪرائي ٻن جوابدارن راجا وساڻ ۽ عبدالرحمان وساڻ کي گرفتار ڪيو آهي ناري کي سڀاڻي ٽنڊو محمد خان جي مقامي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو