پوليس پاران مقابلي ۾ ڏوهاري مارجڻ جي دعويٰ

پنوعاقل (رپورٽ سنتوش ڪمار ) سٽي ٿاڻي جي پوليس پاران ڏوھارين سان مقابلي بعد ھڪ جوابدار کي مارڻ جي  دعوا ڪئي وئي آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته سندس ساٿي فرار  ٿي ويو آهي. ايس ايس پي سکر جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب پني عاقل جي سٽي ٿاڻي جي حد ۾ پوليس ۽ ڏوھارين وچ ۾ مقابلو ٿيو جنھن جي نتيجي ۾ ھڪ ڏوھاري مارجي ويو آھي ترجمان موجب پوليس گشت ۾  مصروف ھئي ته واردات جي ارادي سان بيٺل جوابدارن سان مقابلو ٿيو ، ڏوھارين پوليس کي ڏسندي ئي فائرنگ شروع ڪري ڏني پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ ھڪ ڏوھاري مارجي ويو ڏوھاري وٽان ڪلاشنڪوف ۽ ميگزين ملي آھي جڏھن ته مارجي ويل ڏوھاري جي سڃاڻپ رضو عرف رياض ڪلر جي نالي سان ٿي آهي جيڪو شڪارپور، مٽياري، نوابشاهه پوليس کي گھربل ھو جوابدار جي مٿان ڪيترن ئي ٿاڻن تي ڪيس داخل ٿيل آهن. پوليس لاش کي تعلقي اسپتال پنوعاقل منتقل ڪري ڇڏيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو