پوليس پاران مقابلي ۾ بدنام ڏوهاري کي قتل ڪرڻ جي دعويٰ

لکي غلام شاھ(رپورٽ:نثارمنگي) رستم ٿاڻي جي حد ۾ ساحلي پير وٽ پوليس گشت دوران ڏوھارين سان مقابلي ۾ ڪيترن ئي ڪيسن ۾ روپوش بدنام ڏوھاري معشوق عرف راشد وشون شيخ ولد رضا محمد شيخ پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو رستم پوليس موجب ٻه ڏوھاري وجھ وٺي فرار ٿي ويا.مارجي ويل ڏوھاري وٽان ھٿيار پڻ ھٿ ڪيو جڏھن مارجي ويل ڏوھاري جو لاش رات دير سان لکي اسپتال منتقل ڪيو ويو . معشوق شيخ جو لاش 10 ڪلاڪن تائين لکي اسپتال ۾ پيل رھيو وارث عورتن لکي اسپتال ۾ پهچي ويون ۽ روڄ راڙ مچي ويو عورتن لاش وصول ڪيو ۽ سکرروانا ٿي ويا

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو