پوليس پاران مقابلي بعد 4 مغوي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ

لکي غلام شاهه (ن سنڌيار) پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته مبينا مقابلي دوران ٽن مغوين کي  بچل ڀيو ٿاڻي جي حد ۾ بازياب ڪرايو ويو آهي. جن ۾ ٺُل واسي انيس الرحمان، ڪنڌڪوٽ واسي اُسامه ۽ سکر واسي عبدالغفار نوناري شامل آهن. پوليس موجب ٽنهي ڄڻن کي بازياب ڪرائي ايس ايس پي شڪارپور آفيس منتقل ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته نوناري برادري جا ٽئي نوجوان مهينو اڳ عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿي ويا هئا، ٻئي پاسي پوليس پاران15 ڏينهن اڳ مبينا اغوا ٿيل نينگر کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ به ڪئي وئي آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته عبدالقدير مري کي ڪوٽ شاھو ٿاڻي جي حد مان مقابلي بعد بازياب  ڪرايو.

پهنجو تبصرو موڪليو