پوليس پاران مقابلي بعد 2 ڦورو گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

شيخ ڀرڪيو )مظفر علي بروهي(ڦلڪارا روڊ لال خان موري وٽ شيخ ڀرڪيو پوليس 2 جوابدارن عبدالمجيد مهر ۽ محمد رحيم ملاح کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان هڪ پسٽل  ۽ 12 بور جي بندوق، گوليون ۽ ڪارتوس هٿ  ڪري ورتا آهن. پوليس جي دعويٰ آهي ته مقابلي بعد ڦورو گرفتار ڪيا آهن. جوابدارن خلاف شيخ ڀرڪيو ٿاڻي تي پوليس مقابلي ۽ غير قانوني هٿيار رکڻ جا 2 ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. پوليس موجب ڦورو  ڦر ڪرڻ جي ارادي سان بيٺل هئا جن پوليس جي گاڏي ڏسي فائرنگ ڪئي  بعد ۾ پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ 2 جوابدار گرفتار ڪياويا جڏهن ته سندس 2 ساٿي فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا پوليس موجب عبدالمجيد مهر عمر ڪوٽ  ٻيو جوابدار سجاول جو رهواسي آهي،  جيڪي ساٿين جي مدد سان سانوڻ فقير جي ميلي تي ايندڙ ۽ ويندڙن کان ڦر ڪرڻ جي ارادي سان بيٺل هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو