پوليس پاران مقابلي بعد مغوي آزاد ڪرائڻ جي دعويٰ

غوثپور (عبدالنبي ملڪ) پوليس مقابلي بعد 10 ڏينهن اڳ انڙ پل ڀرسان مڇي جي فارم تان اغوا ٿي ويل چوڪيدار ڪبير ڏاهاڻي کي ڳڙهي تيغو جي ڪچي واري علائقي مان  بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او غوثپور ظهور احمد لاشاري ٻڌايو ته ڏوهاري مغوي نوجوان کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ منتقل ڪري رهيا هئا ته خفيا اطلاع تي ڪارروائي ڪندي هٿياربندن سان مقابلو ٿي پيو جنهن کان پوءِ هٿياربند مغوي ڪبير ڏاهاڻي کي  ڇڏي اونداهي جو فائدو وٺي ڪچي طرف فرار ٿي ويا جڏهن ته پوليس نوجوان کي بازياب ڪرائي ورتو آهي. جلد ئي جوابدارن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني ويندي.علائقي ۾ ڏيتي ليتي بعد آزادي جا چوٻول به هلي رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو