پوليس پاران رڪشا ڊرائيور ڦورو ڄاڻائي هاف فراءِ

نوابشاهه(اي ڪي ڏاھري) دادو واسي نوجوان رڪشا ڊرائيور کي قاضي احمد پوليس ڦورو ڄاڻائي ٻنهي ڄنگهين ۾ گوليون هڻي هاف فرائي ڪري ڇڏيو زخمي کي پي ايم يو اسپتال داخل ڪيو ويو آهي پي ايم يو اسپتال نوابشاهه جي ٽراما سينٽر ۾ 30 ورهين جي سڪندر جمالي کي مبينه قاضي احمد پوليس پٻجو روڊ مال راهو چوڪ وٽ مقابلو ڄاڻائي گرفتار ڪري ورتو انهي جي قبضي مان ٻه موٽر سائيڪلون ۽ هڪ پسٽل هٿ ڪرڻ جي دعويٰ زخمي سڪندر جمالي جو چوڻ آهي ته 8 ڏينهن اڳ سرڪاري کوهه کان بچل پور ويندڙ لنڪ روڊ جي ڪنڊي اسٽاپ وٽ پنهنجي عزيزن جي شادي ۾ آيل هئس ۽ اُتان قاضي احمد مان ٻن گهوٽن لاءِ هار وٺي واپس اچي رهي هئس ته قاضي احمد ٿاڻي جو اي ايس آءِ مولا بخش چانڊيو مونکي گرفتار ڪري ٿاڻي تي کڻي ويو انهي کانپوءِ اٺن ڏينهن تائين مونکي مختلف چوڪين تي ڏينهن جو رهائيندا هئا ۽ رات جو ٿاڻي تي وٺي ايندا هئا جتي مونتي تشدد ڪيو ويندو هو مونکي چيو ويو ته ٻه لک روپيا ڏي ته توکي آزاد ڪيون اسان ڏوڪڙ نه ڏئي سگهياسين ته رات نواب ولي محمد پوليس چوڪي جي انچارج دائود رند سان گڏجي منهنجون اکيون ٻڌي ڌڪو ڏئي ڪيرائي منهنجي ٻنهي ڄنگهين ۾ ٽي گوليون هنيون آهن. قاضي احمد پوليس جو چوڻ آهي ته هي موٽر سائيڪلون ڦُر ڪرڻ جو عادي ڏوهاري آهي هن کي اسان پٻجو روڊ جي مال راهو چوڪ وٽ مقابلي کانپوءِ زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو آهي هن جي قبضي مان ٻه موٽر سائيڪلون ۽ هڪ پسٽل بر آمد ڪيو آهي هن خلاف قاضي احمد ٿاڻي تي ٽي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن جڏهن ته سندس ڀائرن علي گوهر جمالي ۽ صابر جمالي جو چوڻ آهي ته اسان جي ڀاءُ سان ظلم ٿيو آهي هي رڪشو هلائي پورهيو ڪري پنهنجي ٽن ٻارن جو پيٽ پاليندو آهي هنن آئي جي سنڌ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو ته اسان سان انصاف ڪري پوليس جي ظلم کان بچايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو