پوليس ٻن نوجوانن کي اغوا کان بچائي ورتو

غوثپور (عبدالنبي ملڪ)عورتاڻي آواز تي هرکجي آيل ٻن نوجوانن کي پوليس اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو. ڏوھارين پاران بلوچستان جي ڊيرا مراد جمالي واسي نوجوان ثناء ﷲ بروهي  ۽ سانگهڙ جي رهائشي مدا مان بروهي کي عورتاڻي آواز تي گهرائي اغوا ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو هو، جنهن کي غوثپور پوليس سي آءِ اي پاسبان جديد ٽيڪنالاجي ٽريسنگ ذريعي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او غوثپور عبدالفتاح ڏاهاڻي روزاني سنڌ يار کي ٻڌايو ته جاگيراڻي گينگ جي ڏوهارين ٻنهي نوجوانن کي شادي ڪرڻ جي بهاني سان گهرائي اغوا ڪرڻ چاهيو پئي پر پوليس کين بروقت بچائي ورتو ۽ پنهنجي پنهنجي علائقن ڏانهن روانو ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو