عادلپور(اسلم آزاد) ڳوٺ ميرڻ دڙو وٽان رات دير سان مبينا طور اغوا ٿيل خدا بخش ڪلوڙ ۽ نبي بخش ورند کي خيرپور پوليس ناڪابندي دوران بازياب ڪرائي ورتو ۽ جوابدارن کي عادلپور پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان عادلپور پوليس جو چوڻ آھي ته رات جو دير سان خدا بخش ڪلوڙ ۽ نبي بخش اغوا ٿي ويا ھئا، اطلاع کان پوءِ ڪنٽرول روم ذريعي ناڪا بندي ڪرائي ته خيرپور شاھ حسين باء پاس وٽ ھڪ پوليس جي سرڪاري موبائل مان مغوين کي بازياب ڪرائي ٽن جوابدارن رضوان ڪلوڙ نبيل ڪلوڙ ۽ سجاد سولنگي کي گرفتار ڪيو ويو آھي. پوليس جو چوڻ آھي ته رضوان ڪلوڙ جو والد آء جي آفيس ڪراچي ۾ ملازم آھي ۽ بازياب ٿيل مغوي خدا بخش ڪلوڙ سان زمين جي معاملي تان تڪرار ھلندڙ ھو ۽ سرڪاري موبائل به ان کي مليل آھي جيڪا ڏوھ ۾ استعمال ڪئي وئي آھي ,مغوين جي بازيابي تي ڪلوڙ برادري جي ماڻھن خوشي جو اظھار ڪيو جڏھن ته شاھ حسين خيرپور ٿاڻي جي ايس ايڇ او ابوبڪر گبول رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڊي آء جي ڪنٽرول روم تان اطلاع تي پوليس موبائل مان مغوي ۽ ٽن جوابدارن کي موقعي تي گرفتار ڪري عادلپور پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آھي جڏھن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جوڪيس داخل ناھي ٿي سگھيو. اغوا ۾ استعمال ٿيل پوليس موبائل به هث ڪئي وئي آهي
صدر سان ميريٽ جي ملاقات، واپار ۽ اقتصادي لاڳاپا مضبوط بنائڻ تي اتفاق
دوداپور ڀرسان گهرو اڻبڻت تان ڀاءُ هٿان گوليون هڻي ڀيڻ قتل
عدليا ۾ ايجنسين جي مداخلت، جاچ لاءِ ڪميشن جوڙڻ جو اعلان
ذخيرا گهٽ ۽ مهانگي گيس خريدڻ سبب اگهه وڌايا ويا
انوار الحق ڪاڪڙ ۽ ايمل ولي بلوچستان مان سينيٽر منتخب
فوجي عدالتن ۾ محفوظ ڪيل فيصلا ٻڌائڻ جي مشروط اجازت
پيٽروليم شين تي وڌيڪ 20 کان 30 رپيا ليوي لاڳو ڪرڻ جي تجويز
سنڌ مان سينيٽ جي 12 سيٽن جي چونڊ لاءِ اميدوارن جي لسٽ جاري
پي ٽي آءِ جي 11 اڳواڻن کي جيل ۾ خان سان ملاقات جي اجازت
ڪراچي ۾ رولو ڪتن جي شڪايت لاءِ هيلپ لائن بحال، ايپ به تيار
سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ چيني سيڙپڪاري جي واڌ ٿيندي
اڪثر دهشتگرد حملن ۾ آمريڪي هٿيار استعمال ٿيا آهن
پاڪستان جي ثانوي اڀرندڙ مارڪيٽ جي حيثيت برقرار
حڪومت اٽو برآمد ڪرڻ جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي
بابر اعواڻ جو نالو اي سي ايل مان خارج، وڌيڪ 24 نالا شامل
سوشل ميڊيا تي سڀ کان وڏو چئلينج جعلي خبرون آهن: تارڙ
صوبي ۾ پاڻي کوٽ تي وفاق سان اختلاف آهن: شورو
سپريم ڪورٽ مان ضمانت حاصل ڪندڙ 5 جوابدار ٻيهر گرفتار
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 277 رپيا 90 پئسا ٿي ويو
راڻا ثنا خلاف ڪيس جي درخواست، ايس ايڇ او کي نوٽيس