پوليس مقابلي دوران شهيد ٿيل اهلڪار جي وارثن جو احتجاج

ميرپورخاص (ن سنڌيار) پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل وقاص ملڪ جي وارثن پاران واقعي کي ڪوڙو قرار ڏيڻ خلاف مقابلي ۾ شھيد ٿيل اھلڪار مير محمد ناريجو جي وارثن ۽ ناريجا برادري پاران اسٽيشن چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.مظاھري ۾ شھيد اھلڪار جي وارثن ارباب ناريجو، شفيع ناريجو، احمد علي، معز علي ۽ ناريجا برادري جي اسحاق ناريجو، مختيار ناريجو، آفتاب ناريجو، عنايت ناريجو ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي مظاھري کي خطاب ڪندي مختيار ناريجو چيو ته شھيد مير محمد ناريجو عوام جي حفاظت دوران دھشتگردن سان وڙھندي جان جي قرباني ڏني، جنھن تي اسان کي فخر آھي، جڏھن جيڪو شھري مارجي ويو ھو ڪالعدم تنظيم سان وابستا ھو، جيڪا تنظيم دھشتگردي ۾ ملوث آھي جڏھن ته بااثر جيڪي دھشتگردن جي سرپرستي ۾ ملوث آھن ۽ پنھنجا ڪاروباري فائدا حاصل ڪرڻ لاءِ ملڪ برادري کي استعمال ڪري انتظاميا کي بليڪ ميلنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن، سندن اھڙي عمل کي ڪنھن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.وقاص ملڪ جي وارثن پاران واقعي کي ڪوڙو قرار ڏنو پيو وڃي، اھڙي عمل جي سخت مذمت ڪريون ٿا، سندن اھڙي عمل سان شھر جون حالتون خراب ٿي سگھن ٿيون.ھنن چيو جيڪي دھشتگرد گرفتار آھن انھن کي عبرتناڪ سزائون ڏنيون وڃن ۽ شھيد مير محمد ناريجو جي وارثن لاءِ حڪومت پاران اعلانيل مراعتون مھيا ڪيون وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو