پوليس مقابلي جي دعويٰ 2 زخمي، هاف فراءِ جو الزام

ڪشمور(اصغر علي چانڊيو )پوليس مقابلو ڄاڻائي 2 ڄڻن کي زخمي حالت م گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ٻنهي همراهن کي پيرن م گوليون لڳل آهن جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب عظيم ڦاٽڪ وٽ ڏوهارين سان مقابلو ٿيو جوابي فائرنگ ۾ 2 نوجوان دلي جان مزاري ۽ علي گل مزاري زخمي ٿيا آهن جوابدارن وٽان ٽي ٽي پسٽل ھٿ ڪيو ويو آهي ۽ ٻيا فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن گرفتار جوابدار مختلف ڪيسن ۾ گهربل ھئا کيس مٿان پوليس مقابلي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جڏهن ته زخمي وارثن جو چوڻ آهي ته ٻنهي نوجوانن کي ڪجهه ڏينهن اڳ گرفتار ڪري نامعلوم ھنڌ منتقل ڪيو ويو هو بعد ۾ مقابلي جو ڄاڻائي کين هاف فراءِ ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو