پوليس لاڪ ڊائون ۾ رڌل، سنڌ ۾ چور سرگرم ٿي ويا

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ لاڪ ڊائون سبب چورين م اضافو ٿي ويو آهي.***نئون ديرو مان شاد محمود ڀٽو  موجب غريب آباد ۾ رات دير سان مڇي وڪڻندڙ  سڌير ميراڻي جي گهر کي چور کاٽ ھڻي رهيا هيا ته گهر ڀاتي کڙڪي تي اٿي پيا.

چور گهر ڀاتين کي سجاڳ ڏسي فرار ٿيڻ جي  ڪوشش ڪئي پر ڀاڳين  اهڙو اطلاع نئون ديرو سٽي گشت انچارج علي ڏنو ميمڻ  کي ڏنو جنهن بروقت پهچي چورن جو پيڇو ڪيو ۽ پوليس  جوابدار گلزار شيخ کي گرفتارڪري لاڪپ حوالي ڪري ڇڏيو ۽ جوابدار خلاف نئون ديرو ٿاڻي تي اين سي داخل ڪئي وئي آهي.*** مبارڪپور مان قربان مهر موجب ڳوٺ شاهنواز بروهي ۾  نامعلوم چور پورهيت قاسم بليدي جي هڪ ڀلوڙ مينهن ڪاهي فرار ٿي ويا. جنهن جو پيرو ڳوٺ اڳيان ئي ڀاڳيا وڃائي موٽي آيا.مبارڪپور ۽ آس پاس ۾ هڪ هفتي اندر چورين جو تعداد 8 ٿي ويو آهي اهڙي صورت ۾ پوليس مختلف ڳوٺن تي چڙھائي ڪري شڪ جي بنياد تي 5 ڄڻن کي گرفتار ڪيو آھي آخري اطلائن تائين اهڙي واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو. لاڪ ڊائون بعد چورين جي آزار ۾ اضافي سبب ڳوٺاڻا جاڳي راتيون ڪاٽڻ لڳا.***عادلپور مان اسلم مهر موجب ڳوٺ شيرو مهر مان ڳوٺاڻي سڪندر مڱڻھار جي گهران رات جي پهر ۾  نامعلوم چور گهر جي ڀت کي کاٽ هڻي مينهن چوري ڪري ويا. ايس ايڇ او عادلپور محمد رضوان مڱڻهار موجب اهڙو اطلاع ملڻ تي جان محمد سوسائٽي چوڪي ۽ عادلپور پوليس چورن جو پيڇو ڪيو ۽ رات جو ٻاڙي مينر تي چور ۽ پوليس ۾ مقابلو ٿيو چور مينهن ڇڏي فرار ٿي ويا. پوليس چوري ٿيل مينهن مالڪ حوالي ڪري ڇڏي.***اوٻاوڙو مان غلام علي رند موجب ڳوٺ لانگهو ۾ چور دوڪانن جا تالا ٽروڙي صفدر ملڪ جي ڪريانه جي دوڪان جو سامان چوري ڪرڻ بعد موبائل شاپ جي مالڪ عرفان ميراڻي جي دوڪان مان به لکين روپين جو موبائل ۽ موبائل فونن جو سامان کڻڻ بعد درزي جي دوڪان  مالڪ عبدالغفار ملڪ جي دوڪان جو تالو ٽوڙي سامان کڻي فرار ٿي ويا.

دوڪان مالڪن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هڪ ته اسان ڪرونا جي خوف کان گهر ۾ آھيون ۽ پنهنجي ٻچن جي روزي روٽي جي گذر سفر ڪرڻ خاطر ڳوٺ ۾ دوڪان هڻي ٻچن جو پيٽ پالي رهيا هئا سين چور اسان جي دوڪانن جا تالا ٽوڙي لکن روپين جو سامان کڻي ويا آھن اسين ايس ايس پي گهوٽڪي کي اپيل ٿا ڪريون ته هن معاملي جو نوٽس وٺي چورن کي جلد گرفتار ڪري چوري واپس ڪرائي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو