پوليس غنڊا گردي بند ڪرائي، ڊاڪٽرن جو احتجاج

دادو ( رپورٽ عزيز الله خاصخيلي) دادو ينگ ڊاڪٽرز  ايسوسشئيشن جي مرڪزي سڏ تي ٻئي ڏينھن به دادو سول اسپتال تعلقه جوھي سو ل اسپتال تعلقه ڪي اين شاھ تعلقه ميھڙ جي ڊاڪٽرن علامتي احتجاج جاري رکيو. ڊاڪٽر احسان پنھور ڊاڪٽر عتيق جانوري ڊاڪٽر فھيم  سومرو  ڊاڪٽر منظور شاھاڻي ۽ ٻئي عملي سول اسپتال جي او پي ڊي جو ھڪ ڪلاڪ جو بائيڪاٽ ڪري ٻانھن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ايمرجنسي وارڊ اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته دادو ضلعي بدامني جو قلعو بنڻجي ويو آھي ڊاڪٽر فياض پنھور ڊاڪٽر منظور شاھاڻي سان شھر جي ڇوڙواڳ اوباش ممي ڊيڊي شراب جي نشن ۾ ڌت ٿي ڊاڪٽرن ۽ عملي سان بدتمزي ڪرڻ واري عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ھنن دادو پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪندي آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي حيدراآباد ايس ايس پي دادو کان مطالبو ٿا ڪريون ته دادو ضلعي جي چئيني تعلقه جي سول اسپتالن پوليس سيڪورٽي مقرر ڪئي وڃي ته جئين اسان پنھنجون پنھنجون ڊيوٽيون سر ا نجام ڏئي سگھون نه ته پوري ضلعي جي سول اسپتالن بند ڪيون وينديون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو