پوليس سينٽر شاهد حيات سان منسوب ڪرڻ خلاف احتجاج

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پي پي شهيد ڀٽو جي سڏ تي ڪراچي جو سعيد آباد پوليس ٽريننگ سينٽر شاهد حيات جي نالي سان منسوب ڪرڻ خلاف سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ احتجاج ڪيو ويو. مظاهرين چيو ته شاهد حيات شهيد مرتضيٰ ڀٽو جي قتل جو جوابدار آهي ۽ پي پي حڪومت سندس نالي سان سينٽر منسوب ڪري شهيد سان زيادتي ڪئي آهي. ***شهدادڪوٽ مان شاهد اعواڻ موجب  پ پ شهيد ڀٽو ڪارڪنن منير احمد بروهي، وزير علي کوسو، بلاول زهري، امجد قريشي، ثاقب مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته اڳوڻي ڊي آءِ جي شاهد حيات جي نالي سان سعيد آباد پوليس ٽريننگ سينٽر کي  منسوب ڪرڻ  مذمت جوڳو عمل آهي جنهن جي اسين سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، هنن جو چوڻ هو  ته اڳوڻو ڊي آءِ جي شاهد حيات شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي قتل ۾ ملوث هيو جنهن جي نالي سان پوليس ٽرينگ سينٽر منسوب ڪرڻ سٺو عمل نه آهي هنن جو چوڻ هو ته سعيد آباد پوليس ٽرينگ سينٽر جو نالو شاهد حيات نه رکيو وڃي هنن مطالبو ڪندي چيو ته شاهد حيات جو نالو منسوب ڪري پي پي شهيد ڀٽو جي قيادت ۽ ڪارڪنن جي دل آزاري ٿي آهي جيڪو فورن واپس وٺي پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.***ڳڙھي خيرو مان جاويد لغاري موجب پ پ پ شھيد ڀٽو پارٽي پاران محمد نواز عمراڻي  تعلقي صدر محمد عارف عمراڻي  جنرل سڪريٽري ڪامريڊ جاويد لغاري معشوق علي بروھي  ماما عاشق لغاري عرفان علي لغاري، محمد پناهه جمالي بشير احمد ڀٽي عنايت علي عمراڻي مسعود علي لانگاھ  حسنين علي عمراڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو احتجاجي ريلي شھر جي مختلف رستن کان ٿيندي دوداپور ناڪي تي پھتي جتي اڳواڻن احتجاجي ريلي کي خطاب ڪيو. ان موقعي تي پارٽي اڳواڻن چيو ته سنڌ گورنمنٽ شھيد مير مرتضي ڀٽو جي قتل ڪيس ۾ ملوثپوليس آفيسر شاھد حيات جو نالو سعيد آباد پوليس ٽرينگ رکيو ويو جيڪو سراسر ڀٽو خاندان سان ويساھ گھاتي آهي ۽ اسين سنڌ گورنمنٽ جي اھڙي غلط فيصلي جي پرزور لفظن سان مذمت ڪيون ٿا ۽ اسين اعليٰ ادارن کان مطالبو ڪيون ٿا سعيد آباد پوليس ٽرينگ سينٽر تان قاتل شاھد حيات جو نالو ھٽايو وڃي. ****سکر مان جيئرام داس موجب پ پ شهيد ڀٽو جي ڪارڪنن پاران پوليس ٽريننگ سينٽر کي اي آءِ جي شاهد حيات جي نالي سان منسوب ڪرڻ ۽ مير مرتضيٰ ڀٽو جي قاتلن جي گرفتاري نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي مظاهرين جي اڳواڻن سردار قربان ڪلوڙ، سراج احمد ميراڻي، عبدالستار ڀٽو، رياست چوهاڻ ۽ ٻين چيو ته سنڌ حڪومت پاران پوليس ٽريننگ سينٽر کي اي آءِ جي شاهد حيات جي نالي سان منصوب ڪرڻ وارو عمل ڪنهن به صورت برداشت نه ڪنداسين، اي آءِ اي شاهد حيات اسان جي رهبر مير مرتضيٰ ڀٽو جي قتل ڪيس جو اهم جوابدار آهي ۽ ڪنهن به قاتل جي نالي سان ڪو ادارو منسوب نٿو ڪري سگھجي، هنن چيو ته سنڌ حڪومت جا اهي قدم اسان جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ برابر آهن. هنن وڌيڪ چيو ته 24 سال گذرڻ باوجود شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي خون سان اڃا تائين انصاف ناهي ٿي سگھيو، ان جا قاتل سرعام گھمي رهيا آهن. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته مير مرتضيٰ ڀٽو جي قاتلن جي گرفتاري عمل ۾ آڻي کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو