پوليس سان جهيڙو، نهال هاشمي جي پٽن سميت ضمانت منظور

ملير (ن سنڌيار) پوليس رمانڊ لاءِ نهال هاشمي ۽ سندس پٽن کي جڊيشل مئجسٽريٽ آڏو پيش ڪيو ته جوابدارن پاران ضمانت جي درخواست پيش ڪئي وئي. عدالت نهال هاشمي ۽ سندس ٻن پٽن جي 20 ، 20 هزار جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪندي کين آزاد ڪرن جو حڪم ڏنو. ياد رهي ته گذريل رات ملير ۾ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ نهال هاشمي جي پٽن ۽ پوليس اهلڪارن وچ ۾ جهيڙو ٿي پيوهو۽ وائرل ٿيل ويڊيو ۾ صاف نظر اچي رهيو هو ته نهال هاشمي جي پٽ وردي ۾ پوليس اهلڪار کي ڪنڌ ۾ ڳلٿو هڻي ڇڪي رهيو هو.

پوليس اهلڪارن جون ورديون ڦاٽي پيون، سعود آباد ٿاڻي جي پوليس نهال هاشمي کي ٻنهي پٽن نصير ۽ ابراهيم سوڌو حراست ۾ وٺي ڇڏيو، پوليس جو موقف آهي ته نهال هاشمي جي گهرڀاتين جو ٻي ڌر سان جهيڙو هلندڙ هو، اهلڪارن جهيڙو ٽارڻ جي ڪوشش ڪئي ته نهال هاشمي جي پٽن کين تشدد جو نشانو بڻايو. ايس ايڇ او سعود آباد رانا حسيب چيو ته ڊيوٽي اٽڪاءَ ۽ پوليس تي حملي جو ڪيس نهال هاشمي ۽ سندس پٽن تي داخل ڪيو ويو آهي. نهال هاشمي جي پٽ نصير جو چوڻ آهي ته پوليس وارن سندس فون ٽوڙي ڇڏيو، والده ۽ ڀيڻ سان بدتميزي ڪئي ته کين منع ڪيم ۽ جهيڙو شروع ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو