پوليس زيادتين خلاف شهيد ڀٽو ۽ شهرين جو احتجاج

مورو (مورائي اياز سولنگي) پوليس جي ظلم ۽ زيادتين جي خلاف پ پ شھيد ڀٽو اڳواڻن قومي ڪارڪنن ۽ شھرين پاران ايس ايڇ او مورو خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو . جلوس شھر جي مختلف هنڌن کان ٿيندي پريس ڪلب پھتو. اڳواڻي بلاول ڏاهري, اشرف ڀٽ, عباس کوکر, غلام حسين جويو, جگري ماڇي, وڏيرو زبير ڪوريجو, قربان ڇچڙو, جان محمد ڪلھوڙو, نور سولنگي, ڪامران ڀٽي, عارف دل, اميد علي سولنگي, علي دوست سولنگي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. جتي هنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مورو جو ڪرپٽ ايس ايڇ او قربان پوليس اهلڪار ضمير ۽ علي نواز شھرين کي بلاجواز پئسن لاء تنگ ڪري رهيا آھن. پ پ شھيد ڀٽو اڳواڻ جگري ماڇي کي مورو پوليس ڌمڪائي رهي آھي ته سندس تي ڪيس داخل ڪري فل فرائي يا هاف فرائي ڪيو ويندو ۽ هن جي گهر تي نامعلوم ماڻھو موڪلي هيسائي رهيو آهي. سياسي طور تي ڪنهن جي چرچ تي مورو پوليس ونگاري بڻيل آھي هنن چيو ته شھر ۾ چوريون ڦرون بدامني چوٽ چڙھيل آھي جڏهن کان هي ايس ايڇ او مورو ۾ مقرر ٿيو آھي ڏوهن  اضافو آيو آھي. هنن آءِ جي سنڌ پوليس , آر پي او حيدرآباد , ڊي آءِ جي شھيد بينظيرآباد سميت اعلي عملدارن کان گهر ڪئي ته هو نوٽيس وٺي ڪاروائي ڪري.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو