پوليس زيادتين خلاف بروهي برادري ۽ سول سوسائٽي جو احتجاج

ڳڙھي ياسين(شفيق مهر) مدئجي جي بروھي برادري ۽ سول سوسائٽي جي ماڻھن جو مدئجي پوليس جي مبينه ڏاڍ خلاف احتجاج ڪندي انصاف جي گهر ڪئي آهي. 2 مهينا اڳ ايس ايڇ او بھارالدين ڪيريو ۽ مدئجي پوليس پاران محمد اسماعيل بروهي کي کنڀي گم ڪرڻ ۽ عورتن مٿان ڪيل تشدد خلاف سندن وارثن ۽ محمد شريف عوامي اتحاد اڳواڻ رابيل سنڌي جي اڳواڻي ۾ بروھي برادري ۽ سول سوسائٽي جي ماڻھن  ڳڙھي ياسين پريس ڪلب آڏو  احتجاج ڪيو. ان موقعي تي ھنن ٻڌايو ته  اڳوڻي ايس ايڇ او مدئجي بهار الدين ڪيريو ۽ ٻين پوليس اهلڪارن 2 مھينا اڳ پوليس خلاف احتجاج ڪرڻ دوران اسان جي عورتن مٿان سخت تشدد ڪرڻ بعد منھنجي  نوجوان ڀاءُ محمد اسماعيل بروهي کي کنڀي گُم ڪري ڇڏيو آھي جنھن کانپوءِ اسان مسلسل سراپا احتجاج آھيون پر ڪو به دانھن ٻڌڻ وارو نه آھي هنن چيو ته کين خدشو آھي ته پوليس اسانجي نوجوان کي جُڙتو مقابلو ڏيکاري قتل ڪري ڇڏيندي ھُنن آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ٻين وس وارن کان گهر ڪئي ته اسانجي نوجوان کي ظاھر ڪري آزاد ڪرايو وڃي ۽ ذميوار پوليس عملدارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. هنن چيو ته ڪورٽ سڳوري جي حڪم موجب ڪيس داخل ٿيل آھي پر پوليس پنھنجي پٽي ڀائي کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ کيس بچائي رھي آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو