پوليس دستن پاران اسپتالن جي عملي کي سلامي پيش

ميرواه گورچاڻي/ ڊگهڙي (نمائندن وٽان) پوليس جي دستن ڊگهڙي ۽ ميرواهه گورچاڻي ۾ اسپتال جي عملي کي سلامي پيش ڪئي. ايس ايڇ او مير واهه گورچاڻي رياض احمد سومرو ايس ايس پي ميرپورخاص جاويد بلوج جي اسپيشل حڪمن تحت رورل هيلٿ سينٽر ميرواهه گورچاڻي جي ڊاڪٽرن ، پيرا ميڊيڪل اسٽاف سميت پوري اسپتال جي عملي کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو.

پروگرام جي تقريب ۾ رورل هيلٿ سينٽر جي   ايم ايس  ڊاڪٽر علي گوهر ڪلهوڙو  سميت پوري اسٽاف ۽ ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين چوڌري احسان الحق آرائين شريڪ به ٿيو. پوليس وارن قومي تراني تي ڊاڪٽرن سميت پوري عملي کي گارڊ آف آنر پيش ڪندي سلامي ڏني. مقررن چيو ته اهاقوم زنده هوندي آهي جيڪا پنهجي هيرن کي ياد ڪري ٿي. هو سهولتون ۽ ڪٽس نه هجڻ باوجود پنهنجي صحت جو خيال ڪرڻ بنا پنهنجي وطن جي عوام سان ڏک جي گهڙي ۾ سرگرم عمل آهن.*** ڊگهڙي ۾ به پوليس اهلڪارن اسپتال عملي کي سلامي پيش ڪئي. پوليس جي هڪ دستي اي ايس آئي عارف جروار جي اڳواڻي ۾ تعلقي اسپتال ڊگهڙي  پهچي ڊاڪٽرن، پيراميڊيڪل اسٽاف ۽ نرسن کي سلامي پيش ڪئي.

ان موقعي تي پوليس جي جوانن چيو ته ڊاڪٽر پيراميڊيڪل اسانجا مسيحا آھن جن جي ڪارڪردگي کي ڏسندي کين قومي هيرو طور سلام پيش ڪيو ويو آھي ايم ايس تعلقي اسپتال ڊاڪٽر حبيب الرحمان ميمڻ، ڊاڪٽر اعظم قائمخاني،ڊاڪٽر هوش محمد لغاري، ڊاڪٽر ڪاشف ۽ ٻين چيو ته ملڪ هن وقت ڏکين حالتن مان گذري رهيو آھي ڪرونا وائرس جيڪو عالمي وبائي صورت اختيار ڪري ويو آھي، کي شڪست ڏيڻ لاءِ اسان هر وقت عوام جي خدمت ۾ حاضر آھيون.

پهنجو تبصرو موڪليو