پوليس جي 2355 اهلڪارن شهادت ماڻي امن بحال ڪيو، شاهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اسان جي پوليس جي شهيد اهلڪارن رت جو نذرانو ڏئي امن بحال ڪيو، 2355 اهلڪار دهشتگردن خلاف وڙهندي جام شهادت ماڻي. پوليس جي يوم شهداءَ ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪورونا وبا جي دوران پوليس جي جوانن اهم هنڌن تي فرض نڀائي رهيا آهن، 38 اهلڪار ڊيوٽي جي دوران ڪورونا وبا جي ڪري شهد ٿي ويا، سنڌ پوليس عوام جي تحفظ ۽ جان مال جي حفاظت لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، هن چيو آهي ته ڪورونا ويڪسينيشن سينٽرز ۽ اسپتالن جي اندر توڙي ٻاهر پوليس پنهنجي جانين جي پرواهه ڪرڻ بنا ڊيوٽي سر انجام ڏئي رهيا آهن، سنڌ حڪومت پنهنجي پوليس ۽ شهيدن جي خاندانن جو خيال رکڻ لاءِ پر عزم آهي، اسان ڪڏهن به شهيدن جي خاندانن کي اڪيلو نه ڇڏيو آهي

پهنجو تبصرو موڪليو