پوليس چڙهائي، 3 ڄڻا ۽ 10 ٻڪريون کنڀي وئي

خانپورمهر(رپورٽ:آفتاب سيال)پوليس اٽالن ڳوٺ شادي خان گڏاڻي تي چڙهائي ڪري ڳوٺ کي ڪڙو چاڙهي، گهر گهر تلاشي شروع ڪئي ته ڳوٺاڻن اعتراض ڪيو، پوليس مبينا طور عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪيو ۽ ٽن ڳوٺاڻن اربيلو گڏاڻي، پرويز گڏاڻي ۽ حفيظ گڏاڻي کي کنڀي ٿاڻي تي لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته پوليس ڳوٺ مان ڪيترو ئي چوپايو مال ڪاهي آئي آهي هوڏانهن خانپورمهر پوليس جي ڪاروائي خلاف متاثر ڳوٺاڻن مسمات حوران گڏاڻي، فداحسين، زاهد، خير محمد گڏاڻي، غلام رسول، مينهون گڏاڻي، لاهوتي محمد حسن گڏاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي مظاهرين ميڊيا کي ٻڌايو ته خانپورمهر پوليس بااثر ماڻهن جي چرچ تي اسان خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي هر آئي ڏينهن اسان جي گهرن تي چڙهايون ڪري اسان جو سامان کڻي وڃي ٿي، هنن ٻڌايو ته اڄ صبح جو به پوليس ڌاڙيلن وانگر ڪاھ ڪري گهرن مان ڦرلٽ ڪئي ۽ اسان جي ٽن ڳوٺاڻن کي بلاجواز کنڀي وئي آهي ان کان علاوه 10 ٻڪريون به ڪاهي وئي آهي، ڳوٺاڻن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته پوليس جي بلاجواز چڙهائين جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ مجبور ٿي عدالت جو دروازو کڙڪائيندا سين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو