پوليس جي مغوي بازياب ۽ ڏوهاري گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

ڪشمور )جي ايم کوسو(پوليس گشت دوران ڪچي جي علائقي مسوموڙ وٽ ڏوهارين سان مقابلي جي دعويٰ ڪندي مغوي زاهد ميراڻي کي بازياب ڪرائڻ ۽ ڏوهاري غلام شبير لولائي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوا ڪئي آھي. ڪشمور پوليس موجب ڏوھاري مغوي زاھد ميراڻي کي بلوچستان طرف کڻي وڃي رھيا ھئا ته پوليس سان مقابلو ٿي پيو. پوليس موجب گرفتار ٿيل ڏوھاري جو تعلق پرويز جاگيراڻي جي گينگ سان آھي جيڪي عورتاڻي آواز سميت مختلف طريقن سان ماڻھن کي ورغلائي اغوا ڪندا رھيا آھن واضح رھي ته غوثپور جي ڳوٺ دڙي سندراڻي جا جا ٻھ نوجوان صفدر نصيراڻي ۽ اڪرم نصيراڻي ٻن ھفتن کان مٿي ڌاڙيلن وٽ قيد آھن جن کي پوليس اڃا بازياب نه ڪرائي سگھي آهي. ڪشمور پوليس موجب  گرفتار ٿيل غلام شبير لولائي جي مٿان ڪشمور ۽ گھوٽڪي ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي ڪيس داخل آھن. ڪشمور جي ايس ايڇ او خان محمد بروھي سنڌ يار سان رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو اسان معمول مطابق گشت تي نڪتل ھياسون ته اوچتو ڌاڙيلن پوليس مٿان فائرنگ ڪري ڏني فائرنگ جي ڏي وٺ تي ھڪ ڌاڙيل سخت زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو جنهن کي تعلقه اسپتال ڪشمو آندو ويو . گرفتار شخص جي وارثن جو چوڻ آهي ته پوليس ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي کيس ھاف فراءِ ڪري اسپتال ۾داخل ڪيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو