پوليس جي بدمعاشي، اسپتال ويندڙ عورت کي ڪيرائي ڇڏيو

ڪلوئي (غلام مصطفي نهڙيو)پوليس جو عجيب ڪارنامون بيمار ماء کي علاج لاء کڻي ويندڙ پورهيت ۽ سندس امڙ جي تذليل اسڪوٽر تان ڪرائي زخمي ڪري وڌو ٻن عورتن سميت هڪ مرد سخت زخمي روڊ تي بيٺل پوليس اهلڪار فرار ٿي ويا. ڊوڍارو واسي پورهيت سڪندر درس پنهنجي بيمار ماء ۽ گهر واري کي وٺي علاج لاء موٽر سائڪل تي ڪلوئي اسپتال کڻي وڃي رهيو هو وچ رستي ڍوڍارو موڙ تي ڌاڙيلن جيان بيٺل ٻن اهلڪارن کين ڌڪو ڏئي اسڪوٽر تان ڪرائي وڌو عورتون ۽ مرد زخمي ٿي پيا ان سلسلي ۾ پورهيت سڪندر درس شريف درس ٻين سخت احتجاج ڪندي چيو آهي ته اسان وڃي رهيا هئاسين ته وچ روڊ تي پوليس اهلڪار شنڪر ميگھواڙ ۽ ٻه نامعلوم بيٺل هيا جن اسان کي ڌڪو ڏئي اسڪوٽر تان ڪرائي زخمي ڪري وڌو هنن چيو ته اسان جون عورتون به زخمي ٿي پيون آهن جڏهن ته اهڙي اطلاع کان پوءِ ايس ايڇ او ڪلوئي غلام رسول جنجهه واقعي واري هنڌ پهچي متاثر ڌر سان ملي معذرت ڪئي ۽ چيو ته جيڪي اهلڪار ڏوهي نڪتا ته انهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي هوڏانهن پوليس پاران ڌڪ هڻي اسڪوٽر تان ڪيرائيندڙ پوليس اهلڪارن خلاف احتجاج ڪندي درس برادري جي ماڻهن چيو ته اسان ايس ايس پي ٿرپارڪر حسن سردار نيازي کان مطالبو ٿا ڪيون ته اسان جي عورتن کي اسڪوٽر تان ڌڪو ڏئي ڪيرائيندڙ پوليس اهلڪارن خلاف فوري طور ڪارروائي ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو