پوليس جو سبزي فروشن تي لٺبازي، مزدورن جو احتجاج

جيڪب آباد (دولت مستوئي )سٽي پوليس جي ايس ايڇ او لياقت لاشاري سبزي فروشن مٿان لٺيون وسائي کين ريڙها بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو. جنھن تي مزدورن چيو ته سنڌ حڪومت کين اجازت ڏني آهي ته هو سبزي وڪرو ڪري سگهن ٿا. پوليس جي لٺبازي سبب ڪجهه مزدورزخمي ٿي پيا. بعد ۾ پوليس مزدورن کي ٿاڻي تي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو مزدور اتحاد جي چيئرمين حاجي غلام نبي رند جي اڳواڻي ۾ مزدورن احتجاجي مظاهروڪندي ٻڌايو ته گذريل اٺن ڏينھن کان مزدور فاقاڪشي جو شڪار آھن پوليس پاران مزدورن تي تشدد واري عمل جي مذمت ڪيون ٿا هنن سٽي ٿاڻي اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته پوليس جي اهڙي ڪاروائي بابت جاچ ڪري  ايس ايڇ او سٽي خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو