پوليس جمعدار ڊيوٽي دوران دل جي دوري سبب فوت

مبارڪپور ( رپورٽ محمد عثمان مھر )شهر جي مهر محلا جو رهواسي مبارڪپور  ٿاڻي جو پوليس جمعدار 47 سالن جو ممتاز مهر ڊيوٽي دوران دل جو دورو  پوڻ سبب فوت، گهر ۾ ڪهرام، جنازي نماز ۾ شهر جي سياسي، سماجي، مذهبي اڳواڻ صحافين سميت  سوين شهرين جي شرڪت، اباڻي قبرستان ۾  مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو . مرحوم کي 2 گهرواريون  5 پٽن ۽ 3 ڌيئرن جي اولاد آهي ،  ايس ايڇ او مبارڪپور انيس شيخ جو چوڻ هو ته مرحوم پوليس اهلڪار هڪ بهترين انسان هو، ۽ هن پنهنجي ڊيوٽي ۾ ڪڏهن به غفلت نه ڪئي ۽ هو هڪ دلير اهلڪار هو. ياد رھي ته ممتاز مھر جو وڏو ڀاء حفيظ الله مھر به پوليس اهلڪار ھو جيڪو ڪچو ٻنڊي ۾ ڌاڙيلن سان مقابلي ۾ شھيد ٿي ويو ھو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو