پوليس جا ڇاپا ڪٽوتي ڪندڙ 12 ايجنٽ گرفتار

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ غريبن ۽ مسڪينن جي پيسن ۾ ڪٽوتي ڪندڙ 12 کان وڌيڪ ايجنٽ گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪري ڇڏيا آهن. ڪنب مان ٻن ايجنٽن کي پوليس رشوت بعد آزاد ڪري ڇڏيو آهي. ***خانپور مان آفتاب سيال موجب ويجھو راشن جي ورھاست مامري تان ٿھيم برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ، لٺين سروٽن جو وسڪارو، ڳوٺ جو چڱو مڙس پٽن سميت رتورت ٿي پيو، پوليس ٻنھي ڌرين جي ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو. جڏهن ته احساس ڪفالت پروگرام تحت ھلندڙمستحقن جي پئسن مان ڪٽوتي ڪرڻ جي الزام ۾ خانپور پوليس 3 ريٽيلر گرفتار، سرڪار جي مدعيت ۾ مٿن ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.***ڪنب مان صفدر چانڊيو  موجب پوليس جا احساس ڪفالت سينٽرن تي ڇاپا 6 ايجنٽس  سوگها  ٻه ايجنٽ مبينه رشوت عيوض آزاد چئن ڄڻن مٿان ڪنب ٿاڻي تي فراڊ ڪيس داخل ڪيو ويو.

ايجنٽن ۾ عبدالغفار گوپانگ جاويد تمراڻي الطاف حسين ملاح گل محمد ڪلادي ممتاز ملاح ۽ عارف ملاح کي گرفتار ڪري ورتو. جڏھن ته بعد ۾ ممتاز ملاح ۽ سندس پٽ عارف ملاح ڇڏي ڏنو. ***خانواھڻ مان عاجز امتياز نوح پوٽو موجب احساس ڪفالت وارن پيسن کي ايجنٽن ڪمائي جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي ۽ غريب مسڪينن جي رقم مان ڪٽوتي ڪري رهيا آهن. ايڇ بي ايل جو مقرر ايجنٽ وحيد علي تنيو  سرڪار جي حڪم کي ٿڏي ڇڏيو سندس ويڊيو وائرل ٿيڻ کانپوء رينجرس اھلڪارن کيس گرفتار ڪري پوليس حوالي ڪيو جن مٿس ايف آءِ آر داخل ڪري ڇڏي.***پيرجوڳوٺ مان صفيع الله مڱڻيجو موجب پوليس مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي احساس ڪفالت تحت ملندڙ رقم مان ڪٽوتي ڪرڻ تي خالد عرف بالو راجپوت کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان ڊوائيس هٿ ڪري ورتي آهي، ٻئي طرف احمدپور پوليس هڪ گهر تي ڇاپو هڻي ملندڙ رقم مان ڪٽوتي ڪندڙ ايجنٽ شهاب ابڙو کي ڊوائيس سميت گرفتار ڪري ورتو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو