پوليس جا ٻن ڳوٺن تي چاپا، 5 موٽر سائيڪلون هٿ، عورتن جو احتجاج

میرپورماٿيلو)رپورٽ ظھير وسير) پوليس اهلڪار سان معمولي منهن ماري تان پوليس مڇرجي پئي مختلف ٿاڻن جو موبائيلون وٺي ٻن ڳوٺن، ڪينجهر ۽ جيوڻ پتافي جي ڳوٺاڻن جي گهرن ۾ ڪاهي پئي. پوليس عورتن سان بدتميزي ڪندي گهرن ۾ مردن جي غير موجودگي ۾ وڻن هيٺان کٽون رکي ويهي رهي. ليڊي پوليس اهلڪارن کانسواءِ گهرن جي تلاشي، چادر ۽ چؤديواري جو تقدس پائمال ڪري ڇڏيو. ڳوٺاڻن موجب پوليس پنج موٽر سائيڪلون کڻي وئي، عورتن جو پوليس خلاف سخت احتجاج، انصاف لاءِ دانهون.

دادلغاري ويجهو ڳوٺ ڪينجهر پتافي ۾ هڪ ڏينهن اڳ دادلغاري پوليس سول ڪپڙن ۾ هوٽل تي ويٺل الطاف پتافي کي کنڀي کڻي وئي هئي. جنهن دوران بنا وردي جي هڪ پوليس اهلڪار احسان لغاري هوٽل تي رهجي ويو هو، ڇو ته الطاف کي کنڀڻ وارا سندس سادن ڪپڙن وارا اهلڪار تڪڙ ۾ هليا ويا هئا. رهجي ويل اهلڪار سان کنڀجي ويل جي مائٽن جي منهن ماري ٿي پئي جنهن تي داد لغاري پوليس 23 ماڻهن مٿان ڊيوٽي اٽڪاءَ جو ڪيس داخل ڪيو ۽ انهن جي گرفتاري لاءِ ضلعي گهوٽڪي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس 10 موبائلون ۽ هڪ بڪتربند گاڏي ساڻ ڪري ڳوٺ ڪينجهر پتافي ۽ ڳوٺ جيوڻ پتافي ۾ ڪاروائي ڪئي. پوليس جي ڪاروائي دوران عورتن ۽ ٻارڙن ۾ ڪيھاٽ پئجي ويا، گهرن مان مرد فرار ٿي وڃڻ بعد پوليس ڳوٺ جيوڻ پتافي ٻاهران ۽ گهرن اندر پڪٽون قائم ڪري ويهي رهي پوليس اهلڪار عورتن کي ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ۽ پاڻ گهرن ۾ بسترا وڇائي سمهيل رهيا. ان موقعي تي صحافين جي پهچڻ تي پوليس وارا گهرن مان کسڪي ويا ۽ عورتن پوليس خلاف سخت احتجاج ڪندي چيو ته اسان جي چادر ۽ چؤديواري جو تقدس پائمال ڪيو ويو آهي. مرد پوليس اهلڪار اسان جي گهرن ۾ بسترا ويڇايون سمهيا پيا آهن جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي انهن ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو  ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو