پوليس تي هاف فراءِ جو الزام، وارثن جو انصاف لاءِ احتجاج

جروار (محمد بخش گبول)گهوٽڪي پوليس ھٿان ھاف فرائي ٿيل نوجوان جي وارثن جو گبول برادري سميت گھوٽڪي پوليس خلاف جروار پريس ڪلب آڏو احتجاج. هفتو پھرين گھوٽڪي پوليس جي مبينه بربريت جو شڪار بڻيل نوجوان عبدالرحيم گبول جي وارثن  پوليس جي ظلم خلاف  غلام قادر گبول، خليل احمد، افضل گبول ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو مظاھرين پلي ڪارڊ کڻي پوليس جي ڏاڍ خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرايو ميڊيا سان ڳالھائيندي  سندن چوڻ ھو ته نوجوان عبدالرحيم تي قبائلي تڪرارن جا ڪوڙا ڪيس داخل ٿيل ھئا جيڪي ھاڻي ختم ٿي ويا ھئا ۽ نوجوان حاضريون ڏيئي رھيو هو ۽ ھڪ عام ۽ شريف شھري جي زندگي گذارڻ لا پرعزم ھو پر گھوٽڪي پوليس بااثرن جي ونگار وهندي گوليون ھڻي نوجوان کي سڄي حياتي لا معذور ڪري ڇڏيو. سندن وڌيڪ چوڻ ھو ته گھوٽڪي پوليس سياسي ۽ بااثرن جي ونگارو بڻجي ويئي آھي اسان انصاف ملڻ تائين ھر فورم جو در کڙڪائينداسين  ۽  پوليس جي انهي ظلم خلاف احتجاجي تحريڪ سان گڏ   قانوني ويڙھ پڻ  وڙھنداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو