پوليس تشدد، سڱاوتي تڪرار،عمر قيد ۽ وڏيري خلاف احتجاج

دادو(ادل مهيسر) ٿرڙي جادو شهيد پوليس موٽرسائيڪل ڦر جي الزام ۾ پورهيت راهب علي پٽ محمد صفر مڱڻهار کي گرفتار ڪري هفتي کان وڌيڪ قيد ڪري مٿس سخت تشدد ڪري مرڻينگ حالت ۾ سندس گهر آڏو ڦٽو ڪري ڇڏيو. تشدد جو شڪار راهب علي کي وارث علاج لاءِ سول اسپتال دادو کڻي آيا، زخمي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٿرڙي پوليس مونکي 9 ڏينهن اڳ گهران گرفتار ڪيو، مونکي ابتو ٽنگي سخت تشدد ڪيو ويو. پوليس بچل، ذوالفقار، گوهر ۽ عبدالحميد ٻٻر جي سامهون مون تي تشدد ڪيو زخمن تي پيٽرول هاريندا هئا، گذريل رات تشدد سبب حالت خراب ٿي ويئي، پوليس مونکي ٿرڙي جي ڊاڪٽر کي ڏيکاريو ڊاڪٽر چيو همراه ختم آهي هن کي ڪراچي يا لاڙڪاڻي کڻي وڃو پوءِ مونکي  گهر سامهون ڦٽو ڪري ويا. نوجوان جي امڙ ارباب خاتون، ڀيڻ زينب مڱڻهار ميڊيا آڏو ڳوڙها ڳاڙيندي ٻڌايو ته اسان ٻٻرن ڏي 4 ڀيرا ڪلام پاڪ ۽ نياڻيون ميڙ وٺي وياسين ته راهب علي بيگناهه آهي  هو ڦر نه ڪندو آهي، اسان تي ثابت ٿئي ته ٻيڻ پري ڏينداسين پر هنن ڌڪا ڏيئي ڪڍي ڇڏيو. هنن سيشن جج دادو، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو آهي ته ٿرڙي جادو شهيد پوليس خلاف قانوني ڪاروائي ڪري بااثرن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.* دادو جي ماڊل ڪورٽ جي جج قاضي شاهه محمد جي عدالت پوليس اسٽيشن اي سيڪشن ٿاڻي دادو جي حد ميمڻ محلا ۾ سال 2012 ۾ سڱاوتي جي هلندڙ تڪرار تان طالب حسين آرائين کي قتل ڪيو ويو هيو.

جنهن جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار رشيد اعواڻ کي عمر قيد جي سزا ۽ هڪ لک روپيا ڏنڊ وڌو ڏنڊ نه ڏيڻ جي صورت ۾ جوابدار وڌيڪ 6 مهينا پورهئي سان قيد ڪاٽيندو.* ڳوٺ بچل کوسو لڳ مڇي موري جي رھواسين محمد اسماعيل کوسو نذير، شاھنواز کوسو ۽ ٻين بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي نيشنل پريس ڪلب اڳيان  احتجاج ڪندي  وڏيري جي ظلم  خلاف سخت نعريبازي ڪئي. هنن ميڊيا ٻڌايو تہ اسان جي ذاتي ملڪيت 4 ايڪڙ زرعي زمين تي وڏيري غلام حيدر کوسو زبردستي ھٿيارن جي زور تي مڇي جو تلاء لڳائي ڇڏيو آھي. ھنن چيو تہ اسان پنھنجي ذاتي ملڪيت وڪرو ڪئي آھي جنھن تي وڏيرو اسان غريب بي پھچن مٿان ڏمرجي پيو آھي. ھنن چيو تہ جائز حق لاء آواز اٿارڻ تي وڏيرو غلام حيدر کوسو اسان غريبن مٿان مختلف ٿاڻن تي اسان غريبن مٿان ڪوڙيون ايف آءِ آرون داخل ڪرائي رھيوآھي  ھنن چيو تہ وڏيري جي ڏاڍ سبب اسان مجبور ٿي فيصلو بہ ڪرايو پر وڏيرو انھيٍ فيصلي ۾ بہ نہ آيو. اسان کي ڳوٺ مان لڏي وڃڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيو آھي. ھنن آءِ جي سنڌ ڊي آء جي حيدرآباد ۽ ايس ايس دادو کان مطالبو ٿا ڪريون ته ھن ظالم وڏيري کان اسان جي زرعي زمين تان قبضو ختم ڪرائي اسان غريب مسڪينن سان انصاف ڪري ظلم وڏيري کي گرفتار ڪري تحفظ فراھم ڪيو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو