پوليس اهلڪار پلاٽ تي قبضو ڳوٺاڻن جو انصاف لاءِ احتجاج

نوشھرو فيروز (رپورٽ اسد علي عمراڻي )ڦل شھر جي رھواسي علي رضا ٻلال ولد نور محمدپنھنجا ٻار وٺي پلاٽ تي قبضي خلاف احتجاج ڪيو. هن ٻڌايو ته وڳڻ برادريء پاران پلاٽ تي قبضو ڪري مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن. پلاٽ  اسان جي ذاتي ملڪيت آهي جنهن تي قبضه گروپ لياقت وڳڻ ۔اقبال وڳڻ علي شير وڳڻ،  شفيع محمد عرف شفو ملاح جيڪو پوليس جو سپاھي آھي پوليس وٺي رات قبضو ڪرايو اسان وياسين ته اسان کي چيائين ھليا وڃو نه ته ايف آءِ آر داخل ڪري اوهان کي جيل ۾ وجهندس. اسانکي هاف ۽ ڦل فرائي ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون اٿائون. اسان جو آء جي پوليس ۔ڊي آء جي ۔۽ ايس ايس پي نوشھرو فيروز کان مطالبو آهي ته انصاف ڪريو ۽ قبضو خالي ڪرائي ڏيو. انصاف نه ٿيو ته  ٻار ٻچا وٺي ايس پي آفيس آفيس اڳيان ڌرڻون ھڻنداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو