بجلي چورن خلاف آپريشن 100 ڪنيڪشن ڪاٽا

عادلپور  (رپورٽ اسلم مھر)  سيپڪو ٽاسڪ فورس ٽيم پاران مختلف علائقن ۾ بجلي چورن خلاف ڪارروائي، 100 کان مٿي غيرقانوني ڪنيڪشن ڪاٽيا ويا، سيپڪو ٽاسڪ فورس ٽيم گھوٽڪي جي انچارج غلام ياسين ٿهيم اعجاز ميراڻي عنايت علي ۽ عبدالغني ابڙو جي اڳواڻي ۾ عادلپور شھر جي مختلف علائقن ڪلوڙ محلا ڌاماجي روڊ شاهي بازار مين چوڪ ۽ ٻين علائقن ۾ بجلي چورن خلاف گرينڊ آپريشن ڪيو ويو، جڏھن ته غيرقانوني ۽ چوري لڳل 100 کان مٿي ڪنيڪشن ڪاٽي لکين رپين جا ڊڊڪشن بل جاري ڪيا ويا. سيپڪو ٽاسڪ ٽيم انچارج چيو ته بجلي چورن کي ڪنھن به صورت بخش نه ڪيو ويندو، بجلي چور ڪيترو به بااثر ھوندو ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو