پوليس اهلڪار پاران زمين تي قبضي خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

ميرپورماٿيلو(رپورٽ ظھيروسير) ڳوٺ ڏنو ماڪو جي سومرا برادري جو پنهنجي ئي برادري جي پوليس اهلڪار علي نواز سومرو مٿان زمين تي قبضي ڪرڻ جو الزام هنيو آهي، ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن پوليس اهلڪار علي نواز سومرو خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ پوليس اهلڪار علي نواز سومرو خلاف نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ڳوٺاڻن غلام ياسين سومرو، ذوالفقار سومرو، محمد بخش سومرو، ارشاد سومرو، سائينداد سومرو، منظور سومرو، رياض سومرو ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته پوليس اهلڪار علي نواز سومرو اسان جي ڏيڍ ايڪڙ قبولي زمين تي قبضو ڪري رهيو آهي. هنن چيو ته پوليس اهلڪار علي نواز سومرو اسان جي ماڻهن مٿان حيدرآباد، ۽ اوٻاوڙو سميت مختلف ٿاڻن تي ڪوڙا ڪيس ڪري اسان کي پريشان ڪري رهيو آهي. هنن چيو ته اسان غريب آهيون پر پوليس اهلڪار پنهنجي طاقت استعمال ڪري اسان کي حراسان ڪري رهيو آهي، هنن ايس ايس پي گهوٽڪي ڊاڪٽر فرخ لنجار کي اپيل ڪئي ته ان معاملي جو نوٽيس وٺي اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو